نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر

نور مصطفىٰ شيخ، ڊاڪٽر: مشهور تعليمدان ڊاڪٽر نور مصطفى ولد مولوي نورالحق شيخ 1942ع ڌاري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڪوٽ ڀٽي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، تنهن کانپوءِ مئٽرڪ 1957ع ۾، انٽر 1959ع ۾، بي. ايس. سي 1963ع ۾، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي جي ڊگري 1964ع ۾ امتيازي نمبرن سان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هن پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري برطانيه جي سائوٿ امپئٽن يونيورسٽيءَ مان 1970ع ۾ ڪئي. ڊاڪٽر صاحب 1964ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضيءَ واري شعبي ۾ پنهنجون تدريسي ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پاڻ 1996ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. هن جا ڪيترائي ريسرچ مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، ڊاڪٽر صاحب نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ رياضيءَ جا ڪتاب به لکيا آهن، جيڪي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران ڇپجي چڪا آهن ۽ سنڌ جي هر ڪاليج توڙي اسڪول ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ڊاڪٽر نور مصطفى 1978ع کان وٺي اڄ تائين National Review Committee for Mathematics جو ميمبر آهي، تنهن کانسواءِ National Curriculum Committee جو پڻ ميمبر آهي. ڊاڪٽر نور مصطفى اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو